ڌرتيءَ جو درد

ڌرتيءَ جو درد

ڌرتيءَ جو درد

ڌرتيءَ جو درد (ڪتاب): سنڌ هند جي صف اول جي شاعر ارجن شاد جي شعري انتخاب جو مجموعو ’ڌرتيءَ جو درد‘ (The Agony of Earth)، موهن ڪيسواڻيءَ، سئم انٽرنيشنل، سانتاڪروز (E) ممبئيءَ پاران شايع ڪيو آهي. ارجن شاد بحر وزن جي علم جو استاد ۽ ترقي پسند ڌارا جو اوائلي شاعر ۽ شيخ اياز جو همعصر هو. هن شعري انتخاب ۾ ارجن شاد جا غزل، نظم، گيت، آزاد نظم، لوليون، نرتيه ناٽڪ (منظوم) ’ڏاهيون ڏک ڏِسن‘ وغيره شامل آهن. هن انتخاب ۾ ارجن شاد جو ورهاڱي جي درد تي لکيل طويل نظم ’انڌو دونهون‘ به شامل آهي، جنهن کي ’کنڊ ڪاويه‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙو اثر دار شعر اُن دؤر ۾ صرف ارجن شاد ئي لکيو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ وطن، سنڌي زبان ۽ سنڌي قوم سان اٿاهه محبت وارا شعر به ڏنا ويا آهن ته سنڌي زبان جو مرزا قليچ بيگ کان پوءِ لکيل (شايد) ٻيو سنگيت ناٽڪ ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ به شامل ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 151 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1997ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 80 روپيا آهي.


لفظ ڌرتيءَ جو دردھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو